سر رپ هڪ مطالعو

سر رپ هڪ مطالعو

سر رپ هڪ مطالعو

سر رپ: هڪ مطالعو (ڪتاب): شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي سر رپ تي لکيل مقالن جو هي مجموعو تاج جويي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌ جي نامور ليکڪن جا 14 مقالا شامل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر عبدالجـبـار جوڻيجي جو مقالو ’غم جو فلسفو ۽ سر رپ‘، محمد حسين ڪاشف جو ’گوندر هٿ نه پير‘، ڊاڪٽر هدايت پريم جو ’شاهه جي ٻولي؛ سر رپ جو لسانياتي جائزو‘، ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جو ’رپ جو راز‘، ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ جو مقالو ’سر رپ، صوفي ۽ نحوي ترڪيبون‘، مير محمد پيرزادي جو مقالو ’سر رپ ۾ تشبيهن جو استعمال‘، حافظ محمد بخش خاصخيلي جو ’لطيف سرڪار جو سر رپ‘، ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي جو ’سر رپ جو مطالعو‘، ڊاڪٽر بشير احمد شاد جو ’سر رپ ۾ وڇوڙي ۽ ويراڳ جا ورلاپ‘، حاجي عنايت الله زنگيجي جو ’اتر ڏني اوت‘، فقير امداد علي سرائيءَ جو ’سر رپ جو جائزو ۽ سماچار‘، نياز سرڪيءَ جو ’سر رپ ۾ اصطلاح ۽ چوڻيون‘، احسان عظيم جو ’سر رپ هڪ مطالعو‘، محمد ابراهيم سنڌيءَ جو مقالو ’سر رپ جو سماجي ۽ ثقافتي پهلو‘، عطاءُ الله بخاريءَ جو مقالو ’شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سر رپ‘ ۽ رقيه غلام علي شاهاڻيءَ جو مقالو ’سر رپ جا راز ۽ رمزون‘ شامل آهي.
هن ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ شاهه صاحب جي ڪلام ۾ حسن و جمال جي موضوع تي نَوَ مضمون شامل آهن، جن ۾ خاڪي جويي جو لکيل مضمون ’شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ تخليق ۽ حسنڪاري‘، انعام شيخ جو ’لطيف وٽ سونهن جو تصور‘، امداد حسيني جو ’پير پٽائين گج جئن‘ ۽ ٻيا مضمون شامل آهن.
هن ڪتاب جي ٽئين ڀاڱي ۾ ٽي مضمون شامل آهن، جيڪي شاهه لطيف جي سير ۽ سفر تي لکيل آهن. هن ڪتاب جي شروعات ۾ تاج جويي جو لکيل مضمون ’ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ ادبي ڪانفرنسن جو پس منظر‘ ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ جي لکيل صدارتي تقرير به شامل آهي.
323 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2002ع ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت پڪي جلد سان 150 روپيا آهي.


لفظ سر رپ هڪ مطالعوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو